وزيراعظم پاران عمران کي ڳالهين جي دعوت: پهريان باني ۽ گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪريو: تحريڪ انصاف جو شرط

جُون 27, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ ۾ اجلاس کي خطاب دوران پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته مون پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ميثاق معيشت جي آڇ ڪئي پر توهين ڪري آڇ کي رد ڪيو ويو ۽ جيڪي نعرا لڳايا ويا، سي تاريخ جي ڪاري باب ۾ لکيا ويندا، هن چيو ته 2018ع جي جھرلو اليڪشن جي باوجود ايوان ۾ آياسين. جيڪڏهن ڪنهن تي ظلم ٿئي ته انصاف جو وزن هميشه ڳرو هئڻ گهرجي. چاهي اهو سياسي اڳواڻ هجي يا ڪو ٻيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ٻئي سال ۾ بجيٽ تقرير دوران جڏهن ويهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ته نعرا هنيا ويا جنهن جو ذڪر ڪرڻ ايوان جي توهين آهي اڄ 76 سالن کان پوءِ جنهن تلخيءَ جي سطح تي پهچي ويا آهيون، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ هن ملڪ ۾ ڪو وقت هو جڏهن اسيمبلين ۾ سخت تنقيد ٿيندي هئي پر سياستدان هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران کي جيل ۾ مسئلا درپيش آهن ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته اچو گڏجي ڳالهيون ڪريون، ويهي معاملا طئي ڪريون.  هن چيو ته علي محمد خان جذباتي تقرير ڪئي، ڪاش هو اهو به ذڪر ڪري ها ته جڏهن منهنجي ماءُ فوت ٿي وئي ته مان جيل ۾ هئس، مون کي چيو ويو ته حاضري لڳرائي واپس اچجو، مان ڪڏهن ذاتي تڪليف سبب دانهن نه ڪئي مون کي جيل جي وين ۾ آندو ويو ته جيئن منهنجي پٺي کي وڌيڪ درد ٿئي، اسان کي گهر مان کاڌو آڻڻ نه ڏنو ويو، دوائون بند ڪيون ويون، خواجا آصف، رانا ثناءُ الله کي زمين تي ويهاريو ويو. مان هن ايوان کي شاهد بڻائي اعلان ڪريان ٿو ته اسان نٿا چاهيون انهن سان اهڙو سلوڪ ٿئي جيئن اسان سان ٿيو، ملڪ جي بهتري، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ اچو گڏجي ويهي ڳالهيون ڪريون اِن کان سواءِ ڪو حل ناهي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن منهنجو وزير اعظم ٻاهر ايندو، ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن منهنجا قيدي ٻاهر ايندا هي هائوس تڏهن ئي هلي سگهندو جڏهن اسان جو احترام ٿيندو. عمر ايوب چيو ته انهن والده محترمه جي جنازي جو ذڪر ڪيو اسان ڪلثوم نواز جي جنازي ۾ شريڪ ٿياسين، مان پنهنجي والد جي جنازي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس، مفاهمت تڏهن ٿيندي جڏهن اوهان ياسيمن راشد محمود الرشيد حسان نيازي سان زيادتيءَ جو احساس ڪندا. اسيپڪر قومي اسيمبلي چيو ته اوهان ويهي رهو ڳالهه ٿي وئي. اوهان کي موقعو ملي ويو جواب اچي ويو آهي. اوهان جي نالي تي ڪو ڪٽ موشن ناهي.

Leave A Comment