وزيراعظم پاران قومي آبادي ڪائونسل جو تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جي هدايت

وزيراعظم پاران قومي آبادي ڪائونسل جو تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ بهبود آبادي بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي تيزي سان وڌندڙ آبادي، قومي وسيلن تي وڌندڙ دٻاءُ ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته وسيلن ۽ آبادي ۾ توازن ئي پائيدار ترقي جي ضمانت آهي، جڏهن ته تيزي سان وڌندڙ آبادي قومي وسيلن تي دٻاءُ وڌائي رهي آهي ۽ ترقي جي راهه ۾ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم قومي آبادي ڪائونسل جو افتتاحي اجلاس جلد کان جلد گهرائڻ ۽ قومي سطح تي آبادي بابت پاليسي سازي لاءِ ڪائونسل جو تنظيمي ڍانچو فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته قومي آبادي ڪائونسل جي هو پاڻ سربراهي ڪندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته قومي آبادي ڪائونسل ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ ٻيا لاڳاپيل ڌريون شامل هونديون.