وزيراعظم پاران ون ڪانسٽيٽييوشن ايونيو جي معاملي تي ڪميٽي قائم

وزيراعظم پاران ون ڪانسٽيٽييوشن ايونيو جي معاملي تي ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ون ڪانسٽيٽييوشن ايونيو جي معاملي تي اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽيءَ ۾ گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري، سيڪريٽري ڪابينا ۽ ڪامرس سيڪريٽري ميمبر هوندا.ڪاميٽي ايندڙ هڪ هفتي اندر سڄي معاملي جو جائزو وٺي هڪ جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندي. ان دوران هن معاملي ۾ ڪو به متاثر شخص پنهنجون گذارشون ڪاميٽي آڏو پيش ڪري سگهندو ۽ ڪاميٽي بنا ڪنهن فرق جي ڌرين ۽ متاثرن کي ٻڌندي. وزيراعظم جي هن معاملي تي حتمي فيصلي تائين اسلام آباد انتظاميه ۽ سي ڊي اي طرفان ڪنهن به قسم جي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي ويندي. وزيراعظم ون ڪانسٽيٽييوشن ايونيو جي معاملي ۾ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ خصوصي ڪاميٽي جي قيام جون هدايتون جاري ڪيون آهن.