وزيراعظم پاران پرائيويٽ ايڪوٽي فنڊ قائم ڪرڻ لاءِ جامع پلان طلب

وزيراعظم پاران پرائيويٽ ايڪوٽي فنڊ قائم ڪرڻ لاءِ جامع پلان طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ نجي سيڙپڪاري جي واڌاري ۽ پائيدار معاشي ترقي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مختلف قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ننڍن توڙي وچولي درجي جي ڪاروبارن جي واڌاري لاءِ پرائيويٽ ايڪوٽي فنڊ جي قيام بابت لائحه عمل جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پبلڪ ايڪوٽي مارڪيٽ ۽ پرائيويٽ ايڪوٽي فنڊ جي واڌاري لاءِ جامع روڊ ميپ تيار ڪري جلد پيش ڪيو وڃي، جيئن ملڪ اندر سيڙپڪاري لاءِ فنڊز دستياب ٿي سگهن ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ به رستو هموار ٿئي. پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ نجي سيڙپڪاري جو فروغ انتهائي ضروري آهي. پرائيويٽ ايڪوٽي فنڊ معيشت ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ڪاروباري وسعت ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.