وزيراعظم پاران ڪيسن ۾ ڇوٽ وٺڻ کان انڪار: ترميم واپس وٺڻ جي هدايت

وزيراعظم پاران ڪيسن ۾ ڇوٽ وٺڻ کان انڪار: ترميم واپس وٺڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 27هين آئيني ترميم مان وزيراعظم کي فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ ڏيڻ واري شق فوري طور واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي آذربائيجان مان واپسي تي معلوم ٿيو ته منهنجي پارٽي جي ڪجهه سينيٽرن سينيٽ ۾ وزيراعظم کي ڇوٽ ڏيڻ بابت هڪ ترميمي شق پيش ڪئي آهي، جيڪا ڪابينا جي منظور ڪيل مسودي ۾ شامل نه هئي. وزيراعظم سينيٽرن جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي اها ترميم فوري طور واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته چونڊيل وزيراعظم بيشڪ قانون ۽ عوام جي عدالت آڏو جوابده آهي. ذريعن موجب وزيراعظم جي فيصلي بابت وفاقي وزير قانون ۽ انصاف اعظم نذير تارڙ کي به آگاهه ڪيو ويو. جنهن بعد ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سينيٽر انوشه رحمان استثنا واري تجويز واپس وٺي ڇڏي.