وزيراعظم ٿيڻ نه چونڊون وڙهڻ آيو آهيان، پاڪستان کي بگاڙڻ وارا بگاڙي هليا ويا، ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ آسان ناهي: نواز شريف

جنوري 23, 2024

مانسهرا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته آئون هتي وزيراعظم ٿيڻ نه پر چونڊون وڙهڻ آيو آهيان،  ظالمن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ٻيهر تعمير ڪرڻي پوندي.  ملڪ کي سڌاري پٽڙي تي آڻڻ جان جوکي ۾ وجھڻ جو ڪم آهي. گذريل ظالم حڪمرانن ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. مانسهرا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته مون کي نه ڪڍيو وڃي ها ته اڄ مانسهره ۾ هوائي اڏو هجي ها. هاڻي خبرپختونخوا ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ملڪي حالتون پاڻهي ئي ٺيڪ نه ٿينديون. جن بگاڙيو هو اهي بگاڙي هليا ويا.  ملڪ کي پٽڙي تي آڻڻ جان جوکي جو ڪم آهي. هن چيو ته اسين تمام سٺو پاڪستان ڇڏي ويا هئاسين، هاڻي آيس ته ملڪ ۾ ڪاليجز هوندا، ايئرپورٽ هوندا. بسون هلنديون. ن ليگ قائد وڌيڪ چيو ته خبيرپختونخوا وارا ڪوڙي ڏٽي ۾ اچي ويا هئا. هاڻي کين اسان کي آزمائڻ گھرجي. هن چيو ته 5 ججن وزيراعظم کي ڪڍيو، اهي مون کي نه ڪڍن ها ته ملڪ جي حالت ٻي هجي ها. انهن ماڻهن مون کي پنهنجن کان پري ڪيو.  ميان نواز شريف چيو ته اسان ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ۽ سستي بجلي فراهم ڪئي، ماڻهن کي روزگار ڏنو، گئس سستي ڪئي، اسان جي حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته ايندڙ حڪومت به اسان جي هجي ها. هن چيو ته اسان جي دور ۾ مهانگائي نه هئي، هنن ظالمن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اڄ اسان دنيا ۾ تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون، ماڻهن ترقي ڪندڙ پاڪستان ڇڏي ويو هيس، ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته توهان کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي پر ملڪي حالتون ڏسي خوشي نه پئي ٿئي، هاڻ خيبر پختونخواهه کي سنوارڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڇو جو اتي جن جي ڏهه سال حڪومت رهي انهن ڪجهه نه ڪيو، صوبي کي بگاڙيندڙن کي ڪي پي جي عوام پاڻ ووٽ ڏئي آندو هو.  ڪي پي وارا ٻڌائين ڇا ڪا تبديلي آئي؟ ڇا نئون پاڪستان ٺهي ويو؟ مانسهرا ۾ ايئرپورٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليج ٺاهينداسين. هن چيو ته مون جن هٿن سان موٽروي ٺاهيو، اهو موٽر وي جڏهن تيار ٿيو ته آئون جيل ۾ هئس. مون کي نه هٽايو وڃي ها ته اسلام آباد کان مانسهرا ۽ مظفر آباد تائين ٽريل هلي رهي هجي ها.

Leave A Comment