وزيراعظم کي فوجداري ڪيسن واري ڇوٽ واپس: پارلياماني ڪاميٽي پاران 27هين ترميم جو مسودو منظور: اتحادين جون تجويزون رد

وزيراعظم کي فوجداري ڪيسن واري ڇوٽ واپس: پارلياماني ڪاميٽي پاران 27هين ترميم جو مسودو منظور: اتحادين جون تجويزون رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري گڏيل پارلياماني ڪاميٽي 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، چيئرمين فاروق ايڇ نائڪ چيو آهي ته ڪجهه ترميمن جي منظوري ڪاميٽي ڏني، ڪجهه ترميمن جي منظوري جو اختيار ڪاميٽي کيس ۽ قانون واري وزير کي ڏنو آهي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪاميٽي جي رپورٽ اڄ ايوان ۾ جمع ڪرائينداسين، ايم ڪيو ايم جي تجويزن تي اڄ بريڪ ٿرو ٿي ويندو، ذريعن موجب اجلاس ۾ 4 اتحادي پارٽين اي اين پي، بي اين پي، ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پڻ پنهنجون ترميمون پيش ڪيون، جيڪي رد ڪيون ويون، حڪومت اي اين پي کان خيبرپختونخوا جو نالو تبديل ڪري پتخونخوا ڪرڻ واري تجويز ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي بلوچستان اسيمبلي سيٽون وڌائڻ جي تجويزن تي وقت گهري ورتو،  ايم ڪيو ايم جي بلدياتي نمائندن کي فنڊز جي ورهاست بابت ترميم تي به مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ق ليگ هڪ نصاب جي ترميم تجويز ڪئي جنهن جي به منظوري نه ٿي سگهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت ڪاميٽين جو گڏيل اجلاس فاروق ايچ نائيڪ ۽ محمود بشير ورڪ جي صدارت هيٺ ٿيو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ وزيراعظم کي ڏنل فوجداري ڪيس واري ڇوٽ جي ترميم واپس وٺي ڇڏي. گڏيل پارلياماني ڪاميٽي آئيني عدالتن جي قيام واري شق منظور ڪئي وئي. زيرِ التوا ڪيسن جي فيصلي جو مدو ڇهه مهينن مان وڌائي هڪ سال ڪيو ويو. جيڪڏهن هڪ سال تائين ڪيس جي پيروي نه ٿي ته ان کي اڪلايل تصور ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندي نه ئي آئيني ڪيس ٻڌندي، آئيني عدالت ٺهندي، سڀ ڪورٽون ان جي فيصلي جون پابند هونديون، جج 68 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيندو، ججن جي بدلي جو اختيار جوڊيشل ڪميشن حوالي هوندو، ٽرانسفر مڃڻ کان انڪاري جج رٽائر تصور ٿيندو، آئين جي آرٽيڪل 243 تي تفصيلي مشاورت کانپوءِ منظوري ڏني وئي، جنهن تحت جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو عهدو 27 نومبر 2025ع تي ختم ٿي ويندو، ان جي جاءِ تي آرمي چيف کي چيف آف ڊفينس فورسز  جو عهدو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، چيف آف ڊفينس فورسز  آرمي چيف هوندو، فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئرفورس، ايڊمرل آف فليٽ ٽائٽل متعارف ٿيندا، اهي آفيسر قومي هيرو تصور ٿيندا، سڄي عمر رينڪ ۽ مراعتون ملنديون، عهدو ماڻيندڙ تاحيات يونيفارم ۾ هوندو، صدر وانگر اهي عدالتي ڪارروائين کان آجا هوندا، ڪو به فرد واحد فيلڊ مارشل جو ٽائيٽل واپس نه وٺي سگهندو، عهدو پارلياماني مواخذي سان ختم ڪري سگهبو، سينيٽ ۾ اڄ 27هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ جا امڪان آهي، اهو مسودو قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويندو.