وزيراعظم هائوس ۾ پارلياماني اڳواڻن کي پاڪستان- افغانستان صورتحال، ايران، وچ اوڀر ۽ خليج ۾ ڇڪتاڻ بابت اِن ڪئميرا بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته اجلاس کي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت پڻ اِن ڪئميرا بريفنگ ڏني وئي۔ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ شريڪ سياسي جماعتن جي پارلياماني اڳواڻن پنهنجن خيالن جو کلي اظهار ڪيو ۽ موجوده حالتن ۾ اتحاد، اتفاق ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو۔ پڌرائي موجب، شرڪت ڪندڙن علائقي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو، سفارتي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ مستقبل جي لائحہء عمل بابت تجويزون پيش ڪيون۔ اجلاس جي شرڪت ڪندڙ پارلياماني اڳواڻن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان تڪرار جي شدت گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ ايران ۽ نار وارن ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي۔ بريفنگ ۾ پيپلز پارٽي، جي يو آءِ (ف)، متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جا ميمبر شريڪ ٿيا، جڏهن ته اِن ڄاڻايل بريفنگ ۾ اپوزيشن جماعت تحريڪ انصاف جو ڪو به ميمبر شريڪ نه ٿيو.
ملڪ کي درپيش سلامتي، معاشي ۽ سفارتي چئلينجن جي پسمنظر ۾ “ان ڪئميرا اجلاس” جي اهميت اڳ کان گھڻي وڌي وئي آهي. اهڙا اجلاس محض رسمي ڪارروائي ناهن؛ اهي رياستي سنجيدگي، سياسي بالغ نظري ۽ قومي مفاد سان وابستگيءَ جو امتحان هوندا آهن. جڏهن حساس معاملن تي پارلياماني قيادت کي تفصيلي، حقيقتن تي ٻڌل بريفنگ ڏني وڃي ٿي، تڏهن رڳو معلومات جي منتقلي نه پر اعتماد جي تعمير به ٿيندي آهي. بدقسمتي سان، اسان جي سياسي تاريخ ۾ اها روايت گهڻي مضبوط ناهي رهي ته حڪومت اهم فيصلن ۽ پاليسين بابت سمورين پارلياماني جماعتن کي بروقت اعتماد ۾ وٺي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پاليسي فيصلا محدود دائري ۾ تيار ٿين ٿا ۽ پوءِ پارليامينٽ کي صرف آگاهيءَ لاءِ پيش ڪيا وڃن ٿا. اهڙي طريقيڪار سان نه رڳو سوال اڀرن ٿا پر سياسي ڇڪتاڻ به وڌي ٿي. جمهوريت جو روح ان ڳالهه جو گھرجائو آهي ته پارليامينٽ بحث، سوال ۽ احتساب جو مرڪز بڻجي – نه ڪي رسمي منظوريءَ جو ادارو.
اسان افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر توڙي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال بابت ان ڪئميرا اجلاس کي تحسين جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان ڪئميرا بريفنگ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته حساس معلومات کي ذميواريءَ سان شيئر ڪيو وڃي. قومي سلامتي يا پرڏيهي پاليسيءَ جهڙا موضوع کليل سياسي جلسن لاءِ موزون نه هوندا آهن، پر انهن بابت پارلياماني قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ لازمي آهي. جڏهن حڪومت واضح، جامع بريفنگ ڏئي ٿي، تڏهن شڪ شبها گهٽجن ٿا ۽ گڏيل حڪمتِ عملي جو رستو هموار ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ، معلومات جي کوٽ افواهن کي جنم ڏئي ٿي ۽ بي اعتماديءَ جو دائرو وسيع ڪري ٿي.
هڪ ٻي ڳڻتي جوڳي روايت اها به بڻجي وئي آهي ته ان ڪئميرا بريفنگ ته پري جي ڳالهه، عام طور تي پارليامينٽ جي اجلاسن دوران مخالف ڌر جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل وزير پارليامينٽ جي اجلاسَن ۾ موجود ناهن هوندا. پارلياماني جوابدهي جي تقاضا آهي ته وزير ايوان ۾ موجود رهي سوالن جا مدلل جواب ڏين. جيڪڏهن سوالن کي ٽاريو وڃي يا جوابن ۾ وضاحت نه هجي، ته پوءِ ايوان جي وقار سان گڏ عوام جي اعتماد تي به اثر پوي ٿو. سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهن، پر جوابدهي کان نٽائڻ جمهوريت کي ڪمزور ڪري ٿو. حڪومت کي به سمجهڻ گهرجي ته قومي مفاد پارٽي مفاد کان مٿانهون آهي. جيڪڏهن حڪومت اهم معاملن تي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺندي، ته پاليسين کي وسيع سياسي تائيد ملندي، جيڪا عملدرآمد کي به آسان بڻائيندي. اهڙي اتفاقِ راءِ سان بين الاقوامي سطح تي به مثبت پيغام ويندو ته ملڪ اندروني طور متحد آهي. ان جي ابتڙ، اندروني اختلافن جو تاثر قومي موقف کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو.
ساڳئي وقت، مخالف ڌر تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته ان ڪئميرا اجلاس ۾ مليل معلومات کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي ۽ ان کي محض سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. رازداريءَ جو احترام ۽ قومي سلامتيءَ جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي تنقيد ڪرڻ ئي جمهوريت جي نشاني آهي. تنقيد ضرور هجي، پر تعميري ۽ حقيقتن تي ٻڌل. اصل مسئلو اعتماد جي کوٽ آهي. جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ رابطي جي پل ڪمزور ٿئي ٿي، تڏهن سياسي نظام ۾ ابھام ۽ شڪ وڌن ٿا. ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پارلياماني روايتن کي مضبوط ڪيو وڃي: باقاعده بريفنگ، سوالن جا سڌا جواب، ۽ ايوان جي ڪارروائيءَ ۾ سنجيدگي ڏسڻ ۾ اچي. جمهوريت صرف چونڊن جي عمل تائين محدود ناهي؛ اها مسلسل مشاورت، شفافيت ۽ جوابدهيءَ جو نالو آهي.