وزيراعظم ۽ ڪويت جي ولي عهد ۾ رابطو: علائقائي امن لاءِ  ڳالهيون

وزيراعظم ۽ ڪويت جي ولي عهد ۾ رابطو: علائقائي امن لاءِ  ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي واري موقعي تي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان، ڪويت سميت پوري امت مسلمه لاءِ امن، خوشحالي ۽ ڀلائي جون نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح لاءِ نيڪ خواهشن ۽ احترام جو اظهار ڪيو. هن ڪويت تي ٿيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ڪويت جي عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪندي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ اختلافن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ مضبوط برادرانه لاڳاپن جي ٻيهر تصديق ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد کي پنهنجي سهولت موجب پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. ٻنهي اڳواڻن رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.