اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) بلوچستان عوامي پارٽي بجيٽ سيشن ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعليٰ بلوچستان بجيٽ اجلاس جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو هو
وزيراعظم شهبازشريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي ۽ بي اي پي جا خدشا پيش ڪيا
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل لاءِ بي اي پي جا خدشا
ختم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي
وزيراعظم چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي حڪومت جي هڪ اهم اتحادي جماعت آهي ۽ هر فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان ڳنڊيل آهي