| وزيراعليٰ جو سنڌ سيڪريٽريٽ جو دورو: 6 سيڪريٽري غائب |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه جو سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو، 6 کاتن جا سيڪريٽري غير حاضر، آفيس مان غائب مڪاني ادارن، ليبر، خوراڪ، فاريسٽ، ثقافت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتن جي سيڪريٽرين کي شوڪاز نوٽيس جاري، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاھ ڪالهه صبح جو سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪري آفيسرن خاص ڪري سيڪريٽرين جي موجودگي لاءِ سندن آفيسن پهتو، جنهن دوران مڪاني کاتي جو سيڪريٽري رفيق قريشي، ثقافت کاتي جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ، لائيو اسٽاڪ جو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري غلام عباس نائچ، ليبر جو سيڪريٽري اسد الله ابڙو ۽ فاريسٽ کاتي جو سيڪريٽري نجب الدين سهتو آفيسن مان غير حاضر هئا. جنهن تي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته غير حاضر رهندڙ 6 ئي صوبائي سيڪريٽرين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن. جنهن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران غيرحاضر رهندڙ ڄاڻايل سيڪريٽرين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا.