| وزيراعليٰ پاران ڪراچي جون ميگا رٿائون مڪمل ڪرڻ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ڪراچيءَ ۾ شاھراھھ ڀٽو، ڪورنگي ڪازوي برج جنڪشن، ملير نديءَ تي پل، ملير ۾ فلاءِ اوورز ۽ بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ گرين لائين جي ڪوريڊورز ۽ ٻين منصوبن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڪراچيءَ جون ترقياتي رٿائون رڳو تعميراتي سرگرميون نه آهن پر شهر جي معاشي ترقي، ٽرئفڪ ۾ سڌارو ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊگھي مدي وارا سيڙپڪاري آهن. هن چيو ته اهي رٿائون ڪراچيءَ کي جديد، مقابلي وارو ۽ رهڻ لائق شهر بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. شاھراھه ڀٽو تي ڪورنگي ڪازوي برج جنڪشن رٿا بابت ٻڌايو ويو 1.89 ارب رپين واري ميگا رٿا جو 40 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير تعميراتي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رٿا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪورنگي، قيوم آباد ۽ ويجهن علائقن ۾ ٽرئفڪ جام ۾ گهٽتائي آڻيندي، وزيراعليٰ ملير ندي تي اين 5 پل (مرغي خانو وٽ) جو معائنو ڪيو. کيس ٻڌايو ويو ته 2.9216 ارب جي اها رٿا 20 مارچ 2026ع تائين مڪمل ٿيندي، جنهن کي اين 5سان ڳنڍيندو. فائي اوور جي ٻنهي پاسن تي ٻه ٻه قطارون هونديون، هر قطار جي ويڪر 3.65 ميٽر هوندي. اها رٿا جنوري 2026ع تائين مڪمل آهي. سنڌ جي وڏي وزير ملير ڪينٽ کان نمائش چورنگي تائين بي آر ٽي ريڊ لائن ڪورڊور جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اها رٿا روزاني سفر ۾ انقلاب آڻيندي. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ريڊ لائن 2 لاٽس تي ٻڌل آهي. لاٽ ون ملير هالٽ کان نمائش تائين 9.65 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جڏهن ته لاٽ ٽو 12.85 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. لاٽ ون ۾ ست جديد بس اسٽيشنز، ٽي انڊر پاسز، ٻه فلائي اوورز، ٻه بس ڊيپوز، پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام، لينڊسڪيپنگ ۽ خاص بي آر ٽي انفراسٽرڪچر شامل آهي. لاٽ ون جي لاڳت 13.79 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، انهي رٿا تي 36.01 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي آهي. رٿا ۾ دير جا سبب برساتون، يوٽيليٽيز جي منتقلي ۽ ڊيزائن ۾ تبديلي ٻڌايا ويا. وڏي وزير ايم اي جناح روڊ تي گرين لائين رٿا هيٺ ھلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.