وزيراعليٰ ڪي پي جي سنڌ جي 3 ڏينهن جي دوري جو اعلان  

وزيراعليٰ ڪي پي جي سنڌ جي 3 ڏينهن جي دوري جو اعلان  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ  چيو آهي ته پارٽي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان قوم تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ جي ذميواري ڪي پي جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي ڏني آهي، جيڪو 9 کان 11 جنوري تائين سنڌ جو دورو ڪندو، سهيل آفريدي 9 جنوري تي صبح 11 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ پهچندو، جتي سنڌ جي عوام ۽ پارٽي ڪارڪنن طرفان سندس شاندار استقبال ڪيو ويندو. کيس ريلي جي صورت ۾ انصاف هائوس آندو ويندو، جتي هو 12 کان 3 وڳي تائين پارٽي اڳواڻن ۽ مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪندو، بعد ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دعوت تي واپارين سان ملاقات ڪندو، ساڍا چار وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندو، بعد سائوٿ، ڪورنگي ۽ ملير ۾ ملاقاتون طئه ٿيل آهن.هن ٻڌايو ته 10 جنوري تي ڪي پي جو وزيراعليٰ حيدرآباد روانو ٿيندو. ڄامشوري ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه طرفان استقبال ڪيو ويندو. بعد ۾ڪوٽڙي ۾ سرگرمين سان گڏ حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۽ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ خطاب، دانشورن، صحافين ۽ آبادگارن سان ملاقاتون  رٿيل آهن 11 جنوري تي ڪي پي جو وزيراعليٰ ڪراچي ۾ ھوندو، مزار قائد تي حاضري ڏيڻ بعد عوام کي خطاب ڪندو، هن چيو ته انهي دوري ۾ پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل بيرسٽر سلمان اڪرم راجا، صوبائي وزير مينا خان آفريدي، قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر شاهد خٽڪ، صوبائي وزير شفيع جان  ۽ ٻيا گڏ هوندا.