| وزيراعليٰ ڪي پي سهيل آفريدي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽن وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي خلاف رياستي ادارن تي گمراهه ڪندڙ الزام لڳائڻ ۽ انهن جي ساک کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ غيرحاضري سبب ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سينيئر سول جج عباس شاهه سهيل آفريدي خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت اين سي سي آءِ اي پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.