وزيراعليٰ ڪي پي کي عمران جي ڪيسن بابت تاريخ نه ملي

وزيراعليٰ ڪي پي کي عمران جي ڪيسن بابت تاريخ نه ملي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمد تي وفاقي پوليس جي سب انسپيڪٽر ناصر صحافين سميت سينيٽر فلڪ ناز چترالي سان به بدتميزي ڪئي. سهيل آفريدي هاءِ ڪورٽ ۾ بايو ميٽرڪ لاءِ پهتو، جنهن دوران پوليس صحافين کي روڪي ورتو، بايو ميٽرڪ بعد سهيل آفريدي چيـف جسٽس جي سيڪريٽري آفيس ويو. جتي سينيٽر فلڪ ناز چترالي به اُن سان گڏ هئي، پر سب انسپيڪٽر ناصر ان کي سيڪريٽري آفيس وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ بدتميزي ڪئي. سينيٽر فلڪ ناز چترالي چيو اوهان مون کي ڪيئن روڪي سگهو ٿا، مان سينيٽرآهيان. جنهن تي انسپيڪٽر ناصر چيو ته مان ڊيوٽي آفيسر آهيان. سينيٽر فلڪ ناز پوليس آفيسر کي چيو ته مان اوهان کي ڪاميٽي ۾ گهرائيندس. جڏهن ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سهيل آفريدي چيـف جسٽس جي سيڪريٽري آفيس ۾ ئي ويٺو رهيو، باني پي ٽي آءِ جي ڪيسن بابت ٻڌڻي جي ڪا تاريخ نه ملي، جنهن بعد هو واپس روانو ٿي ويو.