وزيراعليٰ ڪي پي کي پروٽوڪول ملندو: روڊ بلاڪ ڪرڻ نه ڏبا: ميئر

وزيراعليٰ ڪي پي کي پروٽوڪول ملندو: روڊ بلاڪ ڪرڻ نه ڏبا: ميئر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ  وهاب چيو آهي ته ماضي جي غلط فيصلن جا اثر هاڻي سامهون اچي رهيا آهن،  موجوده انتظاميا شهر کي پنهنجي وسيلن مان بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي سٽي ڪائونسل جي فيصلي تحت ناڪاره سامان نيلام ڪري 227 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا، انهي رقم مان 5 وڏيون ٽرڪون خريد ڪيون آهن، جڏهن ته وڌيڪ 7 گاڏيون به خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڳ ۾ اسٽريٽ لائٽس سميت ڪيترن ڪمن لاءِ مسواڙي گاڏيون وٺڻيون پونديون هيون، هاڻي ڪي ايم سي وٽ پنهنجا وسيلا موجود آهن. هن چيو ته ڪي پي جي وزيراعليٰ کي ڪراچي آمد تي مڪمل سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو پر شهر کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ هن چيو ته اسان کي سياسي سرگرمين سان اختلاف ناهي پر ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي روڊ بابت ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ اعتراض ختم ڪيا ويندا، جڏهن ته شهر ۾ ڪتن جي نيوٽرنگ ۽ اينمل رائٽس بابت به متوازن پاليسي اختيار ڪئي ويندي. هن اعلان ڪيو ته دائود ورسٽي وٽ لڳل  دنيا جي نقشي ( گلوب ) کي ايڪسپو سينٽر ڀرسان منتقل ڪيو ويندو، هن چيو ته 31 جنوري تي ايمپريس مارڪيٽ جو “گهنڊ” وڄايو ويندو