وزيرا اعظم کي آئل فيلڊز جي دانهن
جُون 28, 2025
ٽنڊوآدم(پنهنجي ڊيسڪ ) پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو جي وزير اعظم شھباز شريف سان ملاقات، گئس ڪمپنين پاران علائقي ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرڻ جون شڪايتون، وزيراعظم پاران مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
ٽنڊو آدم سان تعلق رکندڙ پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو اسلام آباد ۾ وزيراعظم پاڪستان محمد شھباز شريف سان ملاقات ڪري سندس تڪ ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ سميت انرجي ۽ پئٽروليم ڊويزن پاران سهڪار نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون جنهن تي وزير اعظم کيس مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي۔ رابطو ڪرڻ تي پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ٻڌايو ته هن وزير اعظم پاڪستان محمد شھباز شريف سان ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته سانگهڙ ضلعو تيل ۽ گئس جي ذخيرن سان مالا مال هجڻ باوجود اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔
سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي موجب هر آئل فيلڊ کي پنهنجي 5 ڪلوميٽرن جي چوڌاري حدن اندر ڪم ڪرائڻا هوندا آھن پر هتي عمل نه پيو ڪيو وڃي. مقامي ماڻھن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي علائقي ۾ جر جو پاڻي زهريلو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويو آھي جنهن سبب علائقي واسي ڪينسر، ڪاري ڪامڻ، چمڙي سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن۔.
هن ٻڌايو ته هن وزيراعظم کي شڪايت ڪئي ته ٽنڊو آدم، شھدادپور ۽ سنجهورو تي مشتمل منهنجي تڪ ۾ گئس ڪمپنين پاران ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ انرجي اينڊ پئٽروليم ڊويزن پاران سهڪار نه ڪرڻ جون شڪايتون ڏنيون جنهن تي وزيراعظم مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي آهي
هن چيو ته عوام اسان کي ووٽ ڏئي ايوانن ۾ ان لاء موڪليو آھي اسان سندن علائقي جي مسئلن بابت ايوان ۾ آواز بلند ڪريون ۽ ترقياتي ڪم ڪرائي سگهون۔ هن چيو ته وزيراعظم سان ملاقات سٺي رهي اميد ته وزير اعظم دلچسپي وٺي منهنجي تڪ لاءِ اسڪيمون ڏيندو