| وزيرستان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي ٽنڊي الهيار واسي فوجي جوان شهيد |
ٽنڊوالھيار(رپورٽر) ٽنڊوالھيار لڳ يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ جرار ٿيٻو واسي پاڪ فوج جو جوان عبدال حڪيم پٽ مصري ٿيٻو وزيرستان ۾ ھڪ چوڪي تي ملڪ دشمن دھشت گردن سان وڙھندي شهيد ٿي ويو.سندس جنازي نماز درگاه ڳاڙهو صدر ۾ ادا ڪئي وئي ۽ فوجي اعزازن سان سلامي پيش ڪري، شهيد جو جسد خاڪي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. تدفين ۾ بريگيڊر وقاص حميد، ڪرنل فيصل احمد، ڊي ايس پي سڪندر سميجو، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر ذوالفقار علي شاه سميت علائقي جي سوين ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. شهيد جوان جي پونئيرن ۾ جيجل امڙ، 2 ڀائر رمضان ٿيٻو، مهتاب ٿيٻو پنج ڀينرون سوگوار ڇڏيون.