وزيرستان ۾ فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي، 2 جوان شهيد

نومبر 23, 2023

وانا(م ڊ) اتر وزيرستان ۾ فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي، ڌماڪي ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. ان دوران فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي. جنهن دوران 2 جوان 33 سالن جو لانس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ 30 سالن جو لانس نائيڪ ساجد حسين شهيد ٿيا، ٻنهي جوانن جو تعلق ڪرڪ ۽ ڪرم سان هيو. ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

Leave A Comment