وزير اعظم شهباز شريف جي فضل الرحمان سان ملاقات
جُون 21, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو. وزيراعظم مولانا فضل الرحمان جي ننڍي پٽ اسجد محمود تي حملي ۽ اغوا جي ناڪام ڪوشش تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي.
وزيراعظم هن ناڪام حملي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جا حڪم جاري ڪيا. جڏهن ته ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار رانا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.