وزير اعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو
ڊسمبر 3, 2024
وزير اعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو، وزير اعظم ون واٽر سمٽ ۾ شرڪت لاءِ سعودي ولي عهد جي دعوت تي سعودي عرب روانو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جو هلندڙ سال هيءَ پنجون سعودي عرب جو دورو آهي، پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ون واٽر سمٽ ۾ شرڪت ڪندو، سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بينڪ جي سهڪار سان منعقد ٿيندڙ سمٽ جو مقصد پاڻي وسيلن جي انتظام لاءِ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي، دوري دوران وزير اعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات به طئي آهي، ملاقات ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال سميت اهم مامرن تي غور ڪيو ويندو، وزيراعظم شهبازشريف سعودي عرب ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.