وزير صحت پاران صوبائي سيڪريٽري سان اختلافن جو اعتراف

ڊسمبر 16, 2023

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر )سنڌ جي صحت واري وزير سعد خالد نياز جو پنهنجي کاتي جي سيڪريٽري سان اختلافن جو اعتراف، ڪالهه سول اسپتال ڪراچي ۾ هڪ تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران صوبائي وزير چيو ته صحت واري شعبي جي موجوده صورتحال مان ڪير به مطمئن ٿي نٿو سگهي،  صحت سيڪٽر جي ترقي لاءِ اسان کي وڌيڪ ڪم ۽ محنت جي ضرورت آهي. اسپتالن جي بهتري ٽن مهينن جو ڪم ناهي پر انهن ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي، اسان هلندڙ مهيني ويل وومين ڪلينڪ جو افتتاح ڪنداسين. هن چيو ته پرائمري صحت جون سهولتون فعال ٿيڻ سان سول ۽ ٽيچنگ اسپتالن ۾ بهتري ايندي، هن وقت علاج کان وڌيڪ احتياطي تدبيرن جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سول اسپتال ڪراچي جي عمارت تي قبضي بابت ليگل ٽيم سان ڳالهايو اٿم، اها ملڪيت سول اسپتال جي آهي. شهر ۾ انسولين جي کوٽ ۽ عدم دستيابي بابت هن چيو ته شهر ۾ انسولين جي بحران جو سڌو سنئون تعلق وفاقي حڪومت سان آهي، اهو وفاق جو معاملو آهي. حڪومت هن سنگين مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. ڪراچي سول اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ بابت هن چيو ته هتي دوائن جي کوٽ ناهي، مون پاڻ مريضن کان معلومات ورتي آهي  هڪ سوال جي جواب ۾ هن سيڪريٽري صحت سان اختلافن جي تصديق ڪندي چيو ته اختلاف زندگي جو حصو آهن، اختلاف هلندا رهندا پر اختلافن سبب ڪم رڪجڻ نه گھرجي.

بلڊ پريشر ،شگر ۽ ڇتي ڪتي جي ويڪسين جي فراهمي جو حڪم

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر واضح ڪيو آهي ته صوبي ۾ شگر جي مريضن ( مٺا پيشاب ) لاءِ گهربل انسولين، ڇتي ڪتي جي چڪيلن کي لڳندڙ  اينٽي ريبيز ويڪسين ۽ اينٽي هاءِ بلڊپريشر دوائن جي کوٽ ناهي، ڪالهه اعليٰ سطحي اجلاس  ۾ وزيراعليٰ  صحت کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته سرڪاري اسپتالن ۾ ٽنهي قسمن جي دوائن ۽ ويڪسين جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ڪنهن به مريض کي دوائن جي هٿرادو کوٽ يا بليڪ مارڪيٽنگ سبب مسئلا ٿيا ته اها ڳالهه برداشت نه ڪندس.  پڌرائي موجب  وڏي وزير کي شڪايتون مليون هيون ته سرڪاري اسپتالن توڙي مارڪيٽ ۾ انسولين، اي آر وي ۽ اينٽي هاءِ بلڊپريشر دوائن جي کوٽ آهي. انهن شڪايتن جي روشني ۾ وڏي وزير سرڪاري اسپتالن ۽ مارڪيٽ ۾ موجود دوائن جي اسٽاڪ ( ذخيري )بابت تفصيلي رپورٽ ورتي. صحت کاتي جي اختيارين اجلاس  کي ٻڌايو ته انسولين جا 2955، اي آر وي جون 84252 ويڪسين ۽ اينٽي هاءِ بلڊپريشر جي دوائن جا 2003967 پيڪٽ سرڪاري اسپتالن ۾ موجود آهن.  اوپن مارڪيٽ ۾ بابت ٻڌايو ويو ته اينٽي هاءِ بلڊپريشر جا 187138  پيڪٽ، اينٽي ريبيز جون 20700 ويڪسين  ۽ انسولين جون 23486 ويڪسينون موجود آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻه ڪمپنيون ميسرز گيٽز فارما ۽ ايلي للي پاڪستان انسولين تيار ڪري رهيون آهن، گيٽز فارما صحت کاتي کي آگاهه ڪيو ته ها مارڪيٽ جي گهرج کي نظر ۾ رکندي انسولين جي ڪافي مقدار ۾ پيداوار ڪري رهي آهي جڏهن ته ايلي للي چيو ته ڊريپ اسلام آباد کان امپورٽ جي منظوري واري خط ۾ دير ٿيڻ سبب ڪمپني انسولين جي درآمد ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. وڏي وزير اهو معاملو ڊريپ اختيارين آڏو اٿاري زور ڀريو ته اهي درآمد جي عمل جي وقت سِر منظوري کي يقيني بڻائين ته جيئن مريضن کي تڪليف نه ٿئي. وڏي وزير مارڪيٽ ۾ اي آر وي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان پڻ ڳالهايو.

سنڌ ۾ سوا لک رولو ڪتن جي ويڪسينيشن جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جانورن تي ٿيندڙ ظلمن کي روڪڻ لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾  ڊبليو ڊبليو ايف جي صدر نديم خالد،  عائشه چندريگر فائونڊيشن (اي سي ايف) جي سي اي او عائشه چندريگر ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. مڪاني کاتي جي سيڪريٽري منظور شيخ اجلاس ۾ ريبيز ڪنٽرول پروگرام( ڇتن ڪتن جي روڪٿام) بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان جانورن خاص طور تي  ڇتن ڪتن جي چڪ سبب انساني موت جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ  20 ضلعن ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪيا آهن، جتي جون 2025ع تائن سوا لک ڇتن ڪتن جي ويڪسينيشن ڪئي ويندي، هن  چيو ته ڏکڻ، سينٽرل ۽ ملير ضلعن ۾ 3 اينٽي ريبيز سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته  اوڀر، سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ 3 ويڪسينيشن سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن. اي ايس ايف فائونڊيشن جي سي اي او عائشه چيو ته کين ڪتا پڪڙڻ لاءِ گاڏيون ڏنيون وڃن ته اهي ڪتن جي خاتمي لاءِ حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن  تي وڏي وزير ڪي ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن 6 پراڻين گاڏين جي مرمت ڪرائي اي سي ايف حوالي ڪري. وڏي وزير ڪمشنر سليم راجپوت ۽ ڪي ايم سي جي ايم سي افضل زيدي کي هدايت ڪئي ته اهي سفاري پارڪ، ڪراچي زو ۽ ڪورنگي زو جو معائنو ڪري  انهن جي بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين. وڏي وزير لائيو اسٽاڪ جي سيڪريٽري حفيظ سيال کي هدايت ڪئي ته ايم اي جناح روڊ تي پراڻي ريڊيو پاڪستان بلڊنگ ڀرسان واقع وٽرنري اسپتال کي فعال ڪيو وڃي.

Leave A Comment