وسيم اڪرم جو مجسمي تي ردعمل
جُون 12, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو سندس مجسمي بابت بيان سامهون اچي ويو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي وسيم اڪرم پنهنجي مجسمي جي ڀرسان چيتي جي مجسمي جي تصوير پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته منهنجو مجسمو يقيني طور تي هن چيتي کان بهتر آهي.
هن چيو ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ لڳل منهنجي مجسمي بابت تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مونکي لڳي ٿو ته خيال وڌيڪ اهم آهي.
وسيم اڪرم چيو ته مجسمه ساز کي هن ڪوشش جو ڪريڊٽ ڏنو وڃي ۽ ان ۾ شامل ماڻهن کي مڪمل نمبر ڏنا وڃن.
واضح رهي ته پاڪستان جي ليجنڊ فاسٽ بالر وسيم اڪرم جو مجسمو، جيڪو سوئنگ جو سلطان جي نالي سان مشهور آهي، تازو ئي حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ لڳايو ويو هو، جيڪو ڪرڪيٽ جي شوقينن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
مجسمي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ، ڪرڪيٽ جي مداحن ان جي ظاهر تي سخت تنقيد ڪئي آهي.