لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار سياست تان ئي هٿ کڻي ويو، پريس ڪانفرنس دوران هن 9مئي واقعن جي مذمت ڪئي
عثمان بزدار چيو ته 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، سياست کان عليحدگي جو اعلان ڪريان ٿو
عثمان بزدار جڏهن سياست کان ڪناره ڪشي ڪري رهيو آهي ته ان جو مطلب هن پي ٽي آءِ کان به راهون جدا ڪري ورتيون آهن
عثمان بزدار چيو ته 9مئي واقعي بعد جيڪي گرفتار ٿيل آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي
عمران خان پاران عثمان بزدار کي وسيم اڪرم پلس جو لقب ڏنو ويو هو پر هو سياست مان مائنس ٿي ويو آهي