تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

وسڪارو ۽ ٿر … امر رائيسنگهه راجپوت

وسڪاري ورڻ سان نه رڳو ٿر جي جَر پياسي ڌرتيءَ جي اُڃ اجهامندي آهي، پر ٿاريلن جي زندگيءَ به سؤ سؤ سينگار ڪري ريٽن تي مورن جيان رقص ڪندي آهي. وسڪاري ورڻ سان نه رڳو کوهن تي کينچلون موٽي اينديون آهن پر ويران وٿاڻن جي پٽن ۽ ڌنارن جي پياسن چپن تي بانسريءَ جا سر ملهارين ۾ مارئي ڇيڙيندا آهن. ترائين جي تار ڪپن تي ڪانهوڙي ۽ ٽيج جا ڳيچ گورين جي نازڪ نڙين مان ائين ڦٽي نڪرندا آهن، جيئن ڌرتيءَ جي سيني مان کُنڀيون ڦُٽنديون آهن. وسڪاري ۾ کيت کڙندا آهن، مال مڙندا آهن، قصا ڇڙندا آهن، روح پرور رهاڻيون رچنديون آهن، هرڻيون نچنديون آهن، ٻاجهريون پچنديون آهن. اُڃايل تاڙي جي اُڃ سواتي بوند سان سيراب ٿيندي آهي. پياسا هرڻ ڇلر جو پلر پي کنوڻ کجڪي جهڙا ڇال ڏيندا آهن. وسڪاري ۾ ٿر جي اُداس نِجهرن ۾ انڊلٺي حياتي جهڙي هڪڙي آس موٽي ايندي آهي. ثقافتي ريتون ۽ رسمون نئين سر نروار ٿينديون آهن. ليڙون لٽن سان لڱ ڍڪيندڙ ٿر جا اٻولڙا ٻارڙا پنهنجن معصوم هٿن تي مينهن ماماڻا رکي وڏي سرهائي محسوس ڪندا آهن. کيتن ۾ ليڏاڻ ڪڍندي ٿر جا هاريئڙا هڪ انداز ۾ همرچا هونگاري ٿر کي جنت جهڙي جاءِ بڻائيندا آهن. کيتن جي سيڙهين ۾ چڙن جي چينگار سان چرندڙ مال کي ديڪارا ڪندڙ ڌنار جڏهن کير پتي چانهه ڪاڙهي اڪ جي پُڙي ۾ پيئدا ۽ پياريندا آهن، تڏهن سندس ڪلهن تي پيل سانداريون به سرهيون ٿينديون آهن. اهڙي ئي محبوب وسڪاري ۾ اُداس هونديون آهن اُهي ٿاريليون جن جا ڪانڌ پيار جا پانڌ وساري پاپي پيٽ خاطر بئراج ڏي ويل هوندا آهن. انهن جون وفادار ونيون وسڪاري ۾ تار ٻنيون ڏسي پنهنجين ڦٿڪندڙ دلين تي هٿ رکي هئين پڪارينديون آهن بقول ڀارو امراڻي جي ته؛
هاءِ پيارا جيءِ جيارا،
وسڪاري ۾ ورڻي وسري،
توکي پنهنجي پرڻي وسري،
ڪهڙي ڪرڻي ڪهڙي ڀرڻي،
مُنهنجي دلڙي زخمي هرڻي،
تڙپي تڙپي مرڻي وسري،
توکي پنهنجي پرڻي وسري.
پاپي پيٽ خاطر پنهنجيون پرڻيون وساري، پرديس جي پٽن ڏانهن ويندڙ ٿاريلا وسڪاري ۾ پنهنجو وطن سنڀاري اڌ ڪٺل تتر وانگي تڙپي پوندا آهن. تڙپي ته اُهي جيجلون به پونديون آهن جن جون ڌيئرون سماجي ريتن جو ٻارڻ بڻجي پرائي ڏيهه ۾ پرڻائجي وينديون آهن. پنهنجي پيٽ ڄاين کي وسڪاري جي ”ورتولن“ عيد، ڪانهوڙي ۽ ٽيج ۾ سنڀاري اُهي اڀاڳيون مائرون اڪثر روئنديون ئي رهنديون آهن. وسڪاري ۾ وسندڙ بادلن سان گڏ اُنهن جي نيڻن جا نيسارا به ندين جيئن وهندا آهن. اُنهن جون دادليون ڌيئرون پرائي ڏيهه ۾ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا مرنديون، پڄرنديون پنهنجي مائرن ڏي هوائن هٿ نياپا موڪلينديون آهن. ڪبوترن جي ڪنن ۾ هي ٻول ٻُڌائي چونديون آهن ته ”بيرا منان بيگو تيڙڻ آوي آئي سرامڻ ري ٽيج“ سرامڻ واري وڏي ٽيج تي وسڪاري ورڻ سان حياتي سموري سوُنهن سان ٿر جي ٿاڪن ۾ موٽي ايندي آهي. سينڌ نموريل سرتيون، وينڍلا ويڙهي، ڪُم ڪُم جا ٽيلا ڪڍي، ڊگهين ڳچين ۾ هنسيون هار پائي، جڏهن ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لُڏنديون آهن تڏهن سندن لُڏندڙ سڳين سان گڏ ٿر به ڄڻ جهولي ۾ جهلندو آهي. پازيبن جا ڇمڪا، چوڙين جا کڄڪا ۽ ٻاڄو بند ٻانهُن جون اَدائون پَسي حياتي هوشربا ٿي پوندي آهي. وسڪاري جي سرهاين ڀري ساوڪ ۾ اهڙا منظر ڏسي اکيون خُمارن ۾ سَرشار ٿي پونديون آهن. اکيون تڏهن به خُمارجي وينديون آهن جڏهن کُوهن مان پاڻي ڪڍي اواڙا اُميهري، ڪپوريا ٺاهي، ڀٽاري مال کي ڌنار پاڻي پياريندا آهن. چڙن ۽ چنگن جي مدم سازن سان سينگارجي ايندڙ ڀٽاريون پنهنجي ڏوجهارڻين کي ڏسي پري کان پَسوئجي پونديون آهن. ڏوجهارڻيون جڏهن کير جا هانڊا، چروڙيون ۽ موريا ڀري کُوهن تان موٽينديون آهن، تڏهن وسڪارو به مُرڪي پوندو آهي. سيمون به سرهيون ٿي پونديون آهن.
وسڪاري ورڻ سان جڏهن ڌرتي ساوا ويس ڪندي آهي، جڏهن مور جهينگور ٻوليندو آهي. ڪونڍير جي ڪمائتي ول سائي ٿي سرجندي آهي. ڳاڱيون گانگهيٽيا جهلينديون آهن. جڏهن ٿاريليون ڀتوارڻيون ڀتا کڻي بُکين پيٽن سان کيتن ڏي ويندي کينچليون ڪنديون آهن، جڏهن هاري ٻنين ۾ ليڏاڻ ڪڍندي همرچو هڪ آواز ۽ هڪ انداز سان ڳائيندا آهن، تڏهن ٿر بلاول اوٺي جو ملڪ امر ٿي پوندو آهي. وسڪاري ۾ وريل ٿر جو جوڀن پَسي سنڌ جي امر ڪوي شيخ اياز چيو هو ته ”مون کي جي ٻيو جنم مليو ته آئون ٿر ۾ جنم وٺندس“ راهومڪي بازار جي رُڃ کان وٺي چوڙيئي ۽ ٻُهراڻي جي ٻنين تائين سموري ٿر ۾ جڏهن سانوڻيءَ جا سُرمئي ڪڪر پنهنجا وشال شاور کوليندا آهن، تڏهن پلر جي پاڪ پاڻيءَ سان نه رڳو وڻن جا وجود شنان ڪندا آهن، پر ماروئڙن جا من به وهنجي پوندا آهن.سال جا 8 مهينا قُوت جي ڪميءَ ۾ لوڙهيندڙ ٿري ماروئڙا وسڪاري ۾ کير ۽ مکڻ کائي وٽامن جو پورائو ڪندا آهن. وسڪاري ۾ کير، مکڻ، جهڻ ۽ ”وشنان“ عام جام ٿي پوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ نه هوندو آهي ته پاڙي مان به ملي ويندو آهي. وسڪاري ۾ ٿرين لئه سائي ڀاڄي به ٿي پوندي آهي. مريڙو، لُلر، گدريون ۽ ڇانهيان سائي ساڳ طور استعمال ڪيا ويندا آهن. جيڪي نه رڳو پاڻ پچائي کائيندا آهن، پر سيڻن ڏي سوکڙي طور به موڪليندا آهن. گدرين ۽ چڀڙن مان ڪاچريون ٺاهي ۽ پڪل ڇانهين مان ڪُريون ڪڍي ٿاريليون پنهنجن پيارن لئه رکنديون آهن. انهن لئه جيڪي وسڪاري تي ٿر ۾ نه هوندا آهن. وسڪاري جو اگر ڪنهن ٿاريليءَ جو ور گهر نه هوندو آهي ته هُوءَ اڪثر اداس رهندي آهي ۽ وسندڙ مينهن سان گڏ انگوري بدن ۾ اُٿليل برهه جي باهه ۾ پڄرندي تسياري تاڙي جيان تنواريندي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *