Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1qd71a10qhbe4m8ru49qpccegt, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
وفائن ۽ وڇوڙي جو شاعر ۽ ڪتاب زندگيءَ تان رٽائرمينٽ ... مختيار چنا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar وفائن ۽ وڇوڙي جو شاعر ۽ ڪتاب زندگيءَ تان رٽائرمينٽ ... مختيار چنا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

وفائن ۽ وڇوڙي جو شاعر ۽ ڪتاب زندگيءَ تان رٽائرمينٽ … مختيار چنا

ڪتاب “زندگيءَ تان رٽائرمينٽ” سٻاجھي ۽ ڀاڳوند شاعر روشن شيخ جي نثري نظمن جو پهريون جهڳٽو آهي. 128 صفحن تي مشتمل مجموعو ناليواري پبلشنگ اداري پوپٽ پرنٽنگ پريس خيرپور ميرس ڇپيو آهي.
ڪتاب جو مھاڳ ڀلوڙ اديب محترم ايوب گل لکيو آهي.ڪتاب تي رايا پارس حميد، سجاد ميراڻي، امر اقبال، حبيب ساجد، ابراهيم کرل، فراق هاليپوٽو، دريا خان شنباڻي، محمود سومرو ۽ ارشاد جاگيراڻي لکيا آهن.شاعري معاشري جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن مان جنم وٺندڙ اڌمن ۽ احسانن جو نالو آهي.ڪتاب “زندگيءَ تان رٽائرمينٽ”، نالو ئي شاعر جي ڳجهن ڪيفيتن جو راز کولي ڇڏي ٿو.اسان جنمن کان ٻڌندا پيا اچون. ڪيتريون ئي دعوائون ٿيون آهن. هو پنهنجي ماءُ پيءُ، اولاد، محبوب وغيره لاءِ جان به واري ڇڏيندس. منهنجو ان سان اتفاق هر گز ڪونهي. پر سچ اهو آهي ته انسان سڀ کان وڌيڪ محبت پنهنجو پاڻ سان ڪندو آهي. پنهنجي لاءِ زمين تي رت وهائيندو، ڪوڙ ڳالهائيندو. بي ايماني ڪندو آهي. ھر حالت ۾ جيئڻ چاهيندو آهي.رٽائرمينٽ جي پس منظر ۾ ڪيئي عاشقيون هونديون، اميدون هونديون، وڇوڙا هوندا. بي وفائون هونديون، ناڪاميون هونديون، بي وسيون ۽ بي زاريون هونديون.نه ته ماڻهو جو زندگيءَ مان موهه ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندو؟ انسان زندگيءَ جي اڻڳٽ سفر ۾ ڀوڳي ٿو. تتل واري تي پيرين اگهاڙي پنڌ ڪري ٿو. ڀٽڪي ٿو.هڪ اميد جي پوري نه ٿيڻ سان ڇا ٿيندو؟ ڪن جي زندگيءَ ۾ هڪ اميد هوندي آهي جيڪا به پوري ناهي ٿيندي! پوءِ ڀوڳنا جو سفر ڳرو ٿي پوندو آهي. هر پل زندگيءَ تان رٽائرمينٽ چاهيندو آهي. مون کي يقين آهي ته زندگي تان رٽائرمينٽ روشن شيخ جو شاعراڻو تخيل آهي. نه ته هن وٽ وڏي زندگي پئي آهي. اڃا جوان آهي. سندس شاعراڻو سفر به جاري آهي. ھو پنهنجون اڌوريون محبتون ضرور ماڻيندو.
روشن سان الاهي ساريون محبتون آهن، هجتون آهن. سندس موڪليل ڪتاب پڙهي نه سگهيو هيس. اسان وٽ هڪ وڏو ڌڙو نثري نظم کي شاعري مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. هو صرف پابند شاعري کي ئي شاعري سمجهن ٿا. شاعري جيڪا اندر مان ڇرڪ ڀرائي ڇڏي. پڙهي اکيون اٿلي پون. بي ساختا ٽهڪ اڀري پون. نٽهڻ اس ۾ وسڪاري جھڙو احساس ڄمي پوي. جيئن جيئن روشن شيخ جو نثري نظمن جو ڪتاب پڙهندو ويس. پبلشر جي نوٽ کان وٺي پياري ايوب گل جي تفصيلي مهاڳ پڙهندي پڙهندي اندر جي ٺوٺ سڪل زمين ۾ ڪيئي گلاب ڄمندي محسوس ٿيا، پورب جي هوائن ۾ گلاب جي خوشبوئن جهڙو هڳاءُ پري پري تائين ڦهلجي ويو. سندس شاعريءَ ۾ ساڳيو ئي شاعراڻو ميٺاج آهي ، پنهنجائپ جو احساس، پرينءَ جي تڙپ، محبوب جا ماڻا، اڻکٽ ۽ اڻميون اميدون، مورن جا ٽهوڪا، هرڻن جون ڇالون، ڪويل جون ڪوڪون، وسڪاري جا ويس، پوپٽن جا ڪچا رنگ. سڀ ڪجهھ ته آهي. ڪتاب ھڪ ويهڪ ۾ پڙهي ويس. ڪنھن ويل پڙهندي پڙهندي ساهه رڪجي پئي ويو. هن جي شاعريءَ جو ڪلائمڪس ڏاڍو اثرائتو آهي. ڪنهن عام واقعي ۾ اهڙا رنگ ڀري ٿو. جيڪو دلين ۾ لهي وڃي ٿو.روشن شيخ حساس ۽ ذهين آهي. هن جو مشاهدو تمام گهرو آهي. جيتوڻيڪ محبت ۾ اڻ برابري جو قائل ناهي پوءِ به ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي.
“تون ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته
مان سدائين پنهنجي خلاف ڇو هوندو آهيان؟
شايد ان ڪري جو
تنهنجن ۽ منهنجن
خوابن جي سماجي اسٽيٽس ۾
وڏو فرق آهي!”
روشن جي پوري شاعري ۾ محبوب کان بي وفائي جي شڪايت رهي ٿي جنهن جو هو بار بار اظهار ڪري ٿو. روشن کي عرض آهي هميشه محبوب بي وفا ناهي ٿيندو. ڪي دفعا عاشق جون بي وفائون هونديون آهن. هڪ هنڌ چئي ٿو.
“منهنجي دل
جيڪا منهنجي هوندي به
منهنجي وس ۾ ناهي
۽ تون
سدائين
منهنجي دل جي خلاف ئي رهي آهين”
ٻئي هنڌ لکي ٿو ته
” مان توکي
هڪ نظم
ٻڌائي نه سگهيو هوس
جيڪو تنهنجي
وفاداري مٽائڻ مهل
مون کان
بي ساختا لکجي ويو هو”
روشن جڏهن پيڙاءَ ۽ نا اميدي ۾ ويڙھجي وڃي ٿو. ته نظمن ۾ پناهه وٺي ٿو.
مان نظمن ۾ پناهه وٺان ٿو
نظم منهنجي لڙڪن جي
سام جهلين ٿا
مان مرڪ کان
پاسيرو شخص آهيان
۽ روشني جي راھ کي ڏٺي
سال ٿي ويا آهن
مون ته ڳوٺ جون شامون به
وساري ڇڏيون آهن
شهر جي بي رحم دونهين
منهنجي چهري کي
مصنوعي بڻائي ڇڏيو آهي.
روشن جي احساس ڪمتري جي هلڪي هلڪي بوءِ محسوس ٿئي ٿي.
” خودڪشي
جيڪا اڪثر ڪري تون
پرس ۾ منهنجي لاءِ کڻي گھمائيندي آهين.”
“تون
ڏاڍي سياڻي آھين
پر
محبت ۾ سياڻپ
ڪٿي هلي سگهندي آ”
ھتي روشن لکي ٿو
“ڀلي ڪو
منهنجي غليظ لفظن ۾
تعريف ڪري
مان تاڙيون وڄائيندو آهيان”
هتي روشن غليظ لفظن ۾ تعريف جو ذڪر ڪري ٿو. غليظ لفظن ۾ گلائون هونديون آهن. روشن پنهنجي شاعري ۾ عيد جو ذڪر به چڱو ڪيو آهي. ان ڏينهن پاڻ کي هجمومن ۾ اڪليو محسوس ڪري ٿو. اڪيلائيءَ جو احساس هن کي تڙپائي ٿو.
“مون تو کي اهو ضرور چيو هو
ته ٻيو نه ته
صرف عيد جي ڏينهن تي
مون کي ياد ڪندي ڪر”
” ۽ هڪ اهڙي وعدي جيان اداس آهيان
جنھن کي تون عيد تي پورو نه ڪيو”
سچ اهو آهي ته روشن جي شاعري ۾ اهي سڀ شاعراڻيون خوبيون آهن. جيڪي روشن جي شاعري کي امرتا بخشين ٿيون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *