وفاقي، مملڪتي وزير ۽ صلاحڪار ٽيڪجي ويا، پگهارن ۾ 188 سيڪڙو اضافو، 5 لک 19 هزار مقرر، ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

مارچ 22, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري منظور ڪري ڇڏي. ذريعن موجب، بل جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير، مملڪتي وزير ۽ صلاحڪار جي پگهار 5 لک 19 هزار رپيا ٿي وئي آهي، ان کان اڳ وفاقي وزير جي پگهار 2 لک ۽ مملڪتي وزير جي هڪ لک 80 هزار پگهار هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن ۾ 188 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير جي پگهار ۾ 159 سيڪڙو، مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي صلاحڪارن جي پگهارن ۾ 188 سيڪڙو تائين اضافو منظو ڪيو ويو.واضح رهي ته ٻه مهينا اڳ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار ۽ سهولتن کي وفاقي سيڪريٽري جي برابر ڪرڻ بابت مالي ڪاميٽي ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي مالي ڪاميٽي متفقه طور تي منظوري ڏني هئي. وفاقي ڪابينا وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن ۾ واڌ واري سمري جي سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏني. وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن، الائونسز ۽ مراعتن واري ايڪٽ 1975ع ۾ ترميم جو مسودو ڪابينا جي منظوري بعد هاڻي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ 25 جنوري تي اسپيڪر قومي اسيمبلي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 140 سيڪڙو اضافي جي سفارش وزيراعظم کي موڪلي هئي، 31 جنوري تي وزيراعظم منظوري ڏني هئي، 17 فيبروري تي سينيٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ به واڌ جو بل منظور ڪيو ويو هو.

 

Leave A Comment