| وفاقي آئيني عدالت جي وڌيڪ ٻن ججن حلف کڻي ورتو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس روزي خان ۽ جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين وفاقي آئيني عدالت جي جج طور حلف کڻي ورتو. آئيني عدالت جي چيـف جسٽس امين الدين خان نئين ججن کان حلف ورتو، آئيني عدالت ۾ چيـف جسٽس سميت ججن جو تعداد ست ٿي ويو، آئيني عدالت جي ٻـن وڌيڪ ججن جي حلف برداري جي تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪانفرنس روم ۾ ٿي، تقريب ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيـف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر، جسٽس ارباب محمد طاهر، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس محمد اعظم خان، جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس پڻ موجود هئا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر واجد حسين گيلاني ۽ سيڪريٽري منظور احمد ججه به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.