| وفاقي آئيني عدالت شريعت ڪورٽ جي عمارت ۾ منتقل |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت وفاقي شرعي عدالت جي عمارت ۾ منتقل ٿي وئي. چيف جسٽس امين الدين خان ٻين معزز ججن سان گڏ نئين عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وفاقي آئيني عدالت وفاقي شرعي عدالت جي عمارت ۾ منتقل ٿي وئي آهي. چيف جسٽس امين الدين خان ٻين معزز ججن سان گڏ نئين عمارت جو باضابطه افتتاح ڪيو. منتقلي کان پوءِ وفاقي آئيني عدالت جي ٽن بينچن وفاقي شرعي عدالت جي عمارت ۾ باقاعده طور ڪيسن جي ٻڌڻي شروع ڪري ورتا آهن. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سپر ٽيڪس متعلق ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين پڻ موجود هئا. افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعوان، صدر سپريم ڪورٽ بار هارون الرشيد ۽ وڪيلن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.