وفاقي آئيني عدالت پاران ججن کي ڪيس جلد اڪلائڻ جي هدايت 

وفاقي آئيني عدالت پاران ججن کي ڪيس جلد اڪلائڻ جي هدايت 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ وفاقي آئيني عدالت جو پهريون فل ڪورٽ اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سمورن ججن ۽ رجسٽرار شرڪت ڪئي، جنهن دوران عدالتي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ اهم فيصلن تي غور ڪيو ويو۔ ڪيسن جي جلد فيصلي ۽ بيڪ لاگ ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. بينچن کي اثرائتي ڪيس مئنيجمينٽ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي۔ اجلاس ۾ بي ايس اٺ کان سورهن تائين عملي جي تربيت کي ساراهيو ويو.