| وفاقي آئيني عدالت ۾ هر صوبي مان برابر ججز شامل ڪيا ويندا |
اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت ۾ هر صوبي مان برابر ججز شامل ڪيا ويندا، صدر آئيني عدالت ۾ چيف جسٽس ۽ ججز جي مقرري ڪندو، وفاقي آئيني عدالت وٽ پنهنجي ڪنهن به فيصلي تي نظرثاني جا اختيار هوندا، صدر ڪنهن به قانوني معاملي تي راءِ وٺڻ لاءِ وفاقي آئيني عدالت ڏانهن اُماڻيندو، 27هين آئيني ترميم ۾ صدر پاران ڪوبه قانوني معاملو سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻڻ واري شق ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ذريعن موجب تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي آئيني عدالت ۾ جج جي عمر 68 سالن تائين هوندي، آئيني عدالت جو چيف جسٽس 3 سال مُدو پورو ٿيڻ تي رٽائر ٿي ويندو.