وفاقي بجيٽ جون تياريون: ٽيڪس هدف 15.5 ارب رکڻ جو امڪان: موبائل فونن لاءِ ٽيڪس ۾ اضافو

وفاقي بجيٽ جون تياريون: ٽيڪس هدف 15.5 ارب رکڻ جو امڪان: موبائل فونن لاءِ ٽيڪس ۾ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ ۾ جي ڊي پي جو هدف 5.1 سيڪڙو جڏهن ته ٽيڪس وصولين جو هدف ساڍا 15 هزار ارب رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، ٻئي پاسي آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ واڌ جي شرح هدف کان گهٽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ناڻي وزارت جي ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ مختلف ڌرين طرفان مليل بجيٽ تجويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ قابل عمل تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ طئي ٿيل معيارن ۽ شرطن مطابق تيار ڪئي پئي وڃي ۽ آءِ ايم ايف جو جائزاتي مشن ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو، جتي بجيٽ تجويزن تي تفصيلي صلاح مشوري بعد انهن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اميد آهي ته جون جي شروعاتي ڏينهن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، ذريعن موجب ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي واڌ جي شرح جو هدف 5.1 سيڪڙو رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ اهو 4.2 سيڪڙو مقرر آهي. اهڙي طرح ايندڙ مالي سال ٽيڪس جو هدف ساڍا 15 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال لاءِ 14 هزار 131 ارب رپيا مقرر آهي ۽ هدف ۾ نظرثاني باوجود ايف بي آر کي 9 مهينن ۾ 610 ارب رپين جو خسارو ٿيو، هن سال جون تائين انڪم ٽيڪس ريٽرن ۾ وڌيڪ 10 لک واڌ جو هدف آهي ۽ ايندڙ سال مارچ تائين گوشوارن ۾ وڌيڪ ساڍا 7 لک واڌ ڪئي ويندي.
 

اسلام آباد: آءِ ايم ايف درآمدي گاڏين لاءِ سخت ترين طريقيڪار جو مطالبو ڪري ڇڏيو،آءِ ايم ايف شرط تحت پهرين جولاءِ کان گاڏين جي درآمد لاءِ سخت معيار ۽ جاچ پڙتال لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن موجب پاڪستان ۾ اهڙيون گاڏيون درآمد نه ٿي سگهنديون جيڪي معيار ۽ سيفٽي معيارن تي پوريون نه لهن. پاڪستان ۾ نان فائلرز ۽ ٽيڪس ۾ غير رجسٽرڊ ماڻهن کي گاڏيون درآمد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. پاڪستان ۾ گاڏين جي درآمد لاءِ آءِ ايم ايف مختلف هدايتون جاري ڪيون. صنعت ۽ پيداوار آءِ وزارت ايم ايف جي هدايتن تحت سخت طريقيڪار تيار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ گاڏين جي درآمد جو اختيار صرف اين ٽي اين هولڊر ڪمپنين وٽ هوندو، جن گاڏين جا 100 سيڪڙو اصلي پرزا نه هوندا اهي به درآمد نه ٿينديون. هوڏانهن  ايف بي آر پراڻن ۽ استعمال ٿيل موبائل فونن جي درآمدي ويليو ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ايف بي آر نئين ويليويشن جاري ڪري پراڻي رولنگ ختم ڪري ڇڏي. ايف بي آر 62 مختلف موبائل فون ماڊلز جي نئين ڪسٽم ويليو مقرر ڪري ڇڏي. اهو عمل ڪمرشل مقدار ۾ درآمد ٿيندڙ استعمال ٿيل موبائلن تي لاڳو ٿيندو. ايف بي آر گوگل پڪسل فونن جي ويليو ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ڪيو. پڪسل 5، 6 ۽ 6 اي ماڊلز جي ويليو ۾ 161 کان 194 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو. سامسنگ جي پراڻن فليگ شپ ۽ مڊ رينج فونن جي ويليو ۾ به اضافو ڪيو ويو. گليڪسي ايس 21، ايس 22 ۽ ايس 10 سيريز جي ويليو ۾ به واڌ ڪئي وئي. سام سنگ جي نون فليگ شپ فونن جي ويليو ۾ گهٽ اضافو رڪارڊ ٿيو. آءِ فون پرو ميڪس جي ويليو ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو.