وفاقي بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان

وفاقي بجيٽ جون جي پهرئين هفتي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان. ناڻي وزارت بجيٽ ڪلينڊر جاري ڪري ڇڏيو. سرڪاري دستاويزن مطابق فيبروري ۾ ڇهه ماهي معاشي رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي۔ 20 فيبروري تائين وزارتن جي معاشي ڪارڪردگيءَ جو جائزو مڪمل ڪيو ويندو. وزارتن ۽ اُن متعلق کاتا 20 فيبورريءَ تائين بجيٽ جو ابتدائي تخمينو فراهم ڪندا. ايندڙ مالي سال لاءِ وزارتن جي بجيٽ جائزه ڪميٽيءَ جو اجلاس 30 مارچ کان 12 اپريل تائين جاري رهندو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ حڪمت عملي پيپر 20 اپريل تائين تيار ڪيا ويندا.