وڌندڙ آبادي ترقي کي کائي ويندي: پلان بي تي پبلڪ ۾ نٿو ڳالهائي سگهجي، پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو: ڊار

جُون 10, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي شرح الارمنگ آهي، وڌندڙ آبادي ترقي جي ڪوششن کي کائي ويندي، بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ ڪاروباري طبقي جا تحفظات ختم ڪنداسين، سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون ويون آهن، ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو،  نه وري ايمنسٽي اسڪيم ڏني آهي

پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير چيو ته بجيٽ 2023-24ع ۾ سرڪاري ملازمن کي هڪ گريڊ کان 16 گريڊ تائين 35 سيڪڙو ۽ 17 کان 22گريڊ تائين ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو آهي، اهو الائونس بنيادي پگهار ۾ جوڙيو ويندو، پينشنرن لاءِ ساڍا 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار کان وڌائي 12 هزار ڪئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار مقرر ڪئي آهي

ناڻي وزير چيو ته بجيٽ بعد تجويزن کي ڊيل ڪرڻ لاءِ 2 ڪاميٽيون ٺاهيون پيون وڃن هڪ ڪاميٽي ڪاروباري معاملن کي ڏسندي ۽ ٻي ڪاميٽي ٽيڪنيڪل مامرن جي باري ۾ هوندي، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايتون هجن ته اهو ڪاميٽين سان رابطو ڪري سگهي ٿو، اسان شڪايتون ختم ڪنداسين، هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر کي گڏ کڻي هلڻ سان ملڪ جو ڦيٿو هلندو

ناڻي وزير چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو منافعو 1113 ارب رپيا آهي، مجموعي وفاقي روينيو 12 هزار 163 ارب بجيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ايف بي آر جي ڪليڪشن 12163 ارب رپيا آهي، ايس ڊي پي ۾ هيلٿ، ايجوڪيشن، سوشل سيڪٽر ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي

هن چيو ته صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب آهي وفاق جي 1150 ارب ترقياتي بجيٽ آهي،  پي ايس ڊي پي تي شفاف طريقي سان عمل ڪيو ته نظام بهتر ٿي ويندو، صوبن کي منتقلي کانپوءِ وفاقي روينيو 6887 ارب رپيا آهي، ان روينيو جي مقابلي ۾ ڪل خرچ 14 هزار 463 ارب آهي، ڪرنٽ خرچ 13 هزار 320 آهي، ايندڙ مالي سال جي ترقي جي شرح 3.5سيڪڙو رکي آهي، مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو رهندي، ترقي ٿيندي ته ماڻهن کي روزگار ملندو،

ناڻي وزير چيو ته دفاع لاءِ 1804 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ايمرجنسي ۽ ٻين لاءِ 200 ارب آهن، گرانٽس لاءِ 1464 ارب رپيا آهن، سبسڊيز لاءِ 1074 ارب آهن، آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ 33 ارب رکيا ويا آهن، بينظير سپورٽ پروگرام لاءِ 450 ارب رکيا آهن، 900 ارب رڳو پاور سيڪٽر لاءِ آهن، اٽو، گيهه دال تي سبسڊي لاءِ 35 ارب رکيا آهن ۽ اهڙي سبسڊي يوٽيلٽي اسٽورز تي هوندي، پاڪستان ۾ ڀاڻ جي قيمت عالمي مارڪيٽ کان گهٽ آهي،  ناڻي وزير چيو ته گذريل حڪومت پبلڪ قرض وڌايو، بجيٽ جا هدف حاصل ڪنداسين، گروٿ ٿيندي ته ملڪ جو ڦيٿو صحيح هلندو،

هن چيو ته اسان هي بجيٽ روايت کان هٽي ڪري ٺاهي آهي، زراعت تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڪوشش ڪنداسين ته ملڪ واپس ترقي جي دڳ تي اچي، ڪسان پيڪيج جي ڪري بهتري آئي آهي، زرعي قرض لاءِ 2250 ارب رکيا آهن، 50 هزار ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪنداسين، تعميراتي شعبي کي رعايتون ڏنيون ويون آهن، پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجي ويو، هاڻي معاشي طاقت بڻجندو

اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ سڀ کان وڏو مسئلو سبسڊي جو هو، صرف 200 ارب جا نوان ٽيڪس قدم کنيا آهن، کاڄرو تيل درآمد تي سيلز ٽيڪس ختم ناهي ڪئي وئي، 9200 ارب ٽيڪس هدف رکيو آهي، سپر ٽيڪس سوچي سمجهي آندي آهي، قومي بچت شريعت موجب اسڪيم پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندي

ناڻي وزير چيو ته ٻارن ۾ اسڪولن ۾ داخلا لاءِ صوبن کي قدم کڻڻا پوندا، ملڪ ۾ غذائي کوٽ لاءِ حڪومت قدم کڻندي، اسحاق ڊار چيو ته آبادي 3.6 سيڪڙو پهچڻ تي شديد تحفظات آهن، آبادي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪافي اجلاس ٿي رهيا آهن، اسان جا عالم گڏجي آبادي جي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪارپوريشن ملازمن جي ذميواري وفاقي حڪومت جي ناهي، چونڊن لاءِ پئسا رکيا ويا آهن چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، چونڊن ۾ دير جون ڳالهيون غير آئيني نه آهن

ناڻي وزير چيو ته کير تي 9 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي ڳالهه درست ناهي، ملڪ ۾ 90 سيڪڙو کليل کير وڪرو ٿيندو آهي، پيٽروليم ليوي 50 رپيا في لٽر ناهي وڌائي، پيٽروليم ليوي سان 869 ارب حاصل ٿيندا، ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 10 ارب رکيا ويا آهن، صرف 200 ارب جا نوان ٽيڪس قدم کنيا آهن، کاڄرو تيل درآمد تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي ڳالهه درست ناهي

ناڻي وزير چيو ته بيواهن کي هائوسنگ بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جو قرض حڪومت ادا ڪندي، 50 هزار تائين بينڪ يا اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرائڻ تي اڳوڻي حڪومت 0.6سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪيو هو جيڪو ختم نه ڪرڻ گهرجي ها، سالياني 24 هزار ڊالرز آءِ ٽي ايڪسپورٽرز کي سيلز ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي، سالياني 50 هزار ڊالر موڪليندڙ اوور سيز پاڪستانين کي رعايتون ڏنيون وينديون، ان لاءِ ڊائمنڊ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو

هڪ سوال تي اسحاق ڊار چيو ته پلان بي تي پبلڪ ۾ ڳالهه نه ٿيندي، پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، ساڍا 3 سيڪڙو جي ڊي پي جو هدف آساني سان حاصل ٿي ويندو، بحران مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون ۽ استحڪام اچي ويو آهي

Leave A Comment