| وفاقي حڪومت برطانيا کان شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي جو مطالبو ڪري ڇڏيو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت برطانيا کي شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حوالگي جي درخواست ڪري ڇڏي، گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪ – برطانيا لاڳاپن، سڪيورٽي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، محسن نقوي شهزاد اڪبر ۽ عادل راجا جي حڪومت طرفان حوالگي جا ڪاغذ برطانوي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا،ٻنهي کي جلد کان جلد پاڪستان حوالي ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ٻئي ماڻهو پاڪستان ۾ گهربل آهن، تنهنڪري کين فوري طور انهن کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي، ملڪ خلاف پروپيگنڊا ڪندڙ ڪجهه پاڪستاني شهرين خلاف ثبوت به برطانيا کي فراهم ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا، پر فيڪ نيوز هر ملڪ لاءِ مسئلو آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ ويهي رياست ۽ ادارن خلاف بي بنياد الزامن جي ڪا به ملڪ اجازت نٿي ڏئي سگهجي. گهرو وزارت پرڏيهي وزارت ذريعي به حوالگي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.