| وفاقي حڪومت جا ترقياتي ڪم انتهائي سست: 349 ارب جاري ٿيڻ باوجود رڳو 91 ارب خرچ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال دوران وفاقي حڪومت جا ترقياتي خرچ انتهائي سُست ٿي ويا. ڪيترن ئي کاتن ۽ ڊويزنن وڏي رقم جاري ٿيڻ باوجود هڪ روپيا به خرچ نه ڪيو. دستاويزن مطابق پنج مهينن ۾ صرف 91 ارب روپيا پي ايس ڊي پي تحت خرچ ڪيا ويا۔ جولاءِ کان نومبر تائين وزارتن ۽ ڊويزنز کي لڳ ڀڳ 349 ارب رپيا جاري ڪيا ويا۔ ڪابينا ڊويزن جاري 43 ارب پي ايس ڊي پي مان ڪجهه به خرچ نه ڪيو. ڪامرس ڊويزن کي 1 ڪروڙ 75 لک رپيا جاري ڪيا ويا، پر هڪ روپيو به خرچ نه ٿيو۔ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي جاري ڪيل 17 ڪروڙ 33 لک رپين مان به ڪابه رقم استعمال نه ڪئي وئي۔ پارلياماني معاملن، مذهبي معاملن ۽ پيٽروليم ڊويزن به پي ايس ڊي پي تحت ڪوبه خرچ نه ڪيو. پنج مهينن دوران پارلياماني معاملن واري ڊويزن کي 87 ڪروڙ 50 لک رپيا، پيٽروليم ڊويزن کي 25 ڪروڙ رپيا، ۽ مذهبي ماعملن واري ڊويزن کي 22 ڪروڙ 76 لک رپيا جاري ڪيا ويا۔ پنج مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ فنڊ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي 79 ارب 44 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، اين ايڇ اي جاري فنڊ مان صرف 20 ارب 73 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا۔ صوبن ۽ خصوصي علائقن کي 68 ارب رپيا پي ايس ڊي پي فنڊ طور جاري ڪيا ويا۔ آبي وسلين واري وزارت کي 45 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، جن مان 14 ارب 91 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا۔ هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) کي 15 ارب 74 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، جن مان 7 ارب 94 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا۔