اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت جي ادارتي سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد ڪندي وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان خالي پيل 60 سيڪڙو آساميون ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان خالي رهندڙ آساميون ختم ڪيون وينديون. بدلين يا ترقي لاءِ گهربل خالي آساميون ختم نه ڪيون وينديون. حڪومت طرفان اهو قدم ادارتي سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد ۽ سرڪاري ادارن ۾ انساني وسيلن جي بهتر انتظام جي سلسلي ۾ کنيو ويو آهي.