وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، في لٽر 26 رپيا 77 پئسا اضافو

وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، في لٽر 26 رپيا 77 پئسا اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول 26 رپيا 77 پئسا في لٽر مهانگو ڪيو ويو، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 393 رپيا 75 پئسا مقرر ڪئي وئي، ڊيزل به 26 رپيا 77 پئسا في لٽر مهانگو ٿي ويو،  نئين قيمت 380 رپيا 19 پئسا ٿي وئي آهي، تيل قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. جنهن موجب نئين قيمت رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪي آهي. واضح رهي ته آمريڪا ايران جنگ کان اڳ مارچ دوران پيٽرول جي قيمت 266 رپيا هئي جيڪا مرحليوار وڌائي 393.72 رپين تي پهچائي وئي آهي.تيل جي اگهن ۾ واڌ تي عوام جون رڙيون نڪري ويون، سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏيندي حڪومت مٿان تنقيد ڪئي وئي.