| وفاقي حڪومت ڪراچي کي جائز حق نه پئي ڏئي: مرتضيٰ وهاب |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهّاب چيو آهي ته ڪراچي ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو. وفاقي حڪومت موٽ ۾ ڪراچي کي سندس جائز حق نه پئي ڏئي، مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي صنعتي علائقن لاءِ ساڍا 9 ارب رپين جو ترقياتي پيڪيج ڏنو آهي، ايندڙ ڇهن مهينن ۾ اهي فنڊ شفاف نموني سان خرچ ڪيا ويندا،