اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اربين رپين جي سپر ٽيڪس لڳائڻ وارو حڪومتي قدم غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختلف ڪمپنيز ۽ ادارن پاران داخل ڪرايل درخواستن کي منظور ڪندي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو
جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان فيصلو ٻڌائيندي سپر ٽيڪس جي ڊمانڊ ۽ اوڳاڙي جا سمورا نوٽيس به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا
درخواست گذارن پاران سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين ڪيس ۾ پيروي ڪئي جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي شق فور سي کي به غير آئيني قرار ڏنو