| وفاقي سرڪار پاران حيدرآباد سکر موٽر وي منصوبو فنڊز جي کوٽ سبب مڪمل نه ٿيڻ جو انڪشاف |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پاران حيدرآباد سکر موٽر وي منصوبو فنڊز جي کوٽ سبب مڪمل نه ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي تفصيل موجب سينيٽر پرويز رشيد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان اسٽيڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2024 ۾ وزارت سنڀالڻ وقت اين ايڇ اي جو روينيو 66.8 ارب رپيا هو. 2024 کان اڳ 6 سالن تائين اين ايڇ اي جي آمدني ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو. 2024 کان هن وقت تائين صرف ٽول ٽيڪس جي مد ۾ 108.9 ارب رپيا روينيو مليو آهي. 2024 کان هن وقت تائين روينيو ۾ 63 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ ڪنهن ميمبر چيو ته اين ايڇ اي کي هائوسنگ سوسائٽي وانگر هلايو پيو وڃي. جيڪڏهن هائوسنگ سوسائٽي وانگر هلائي رهيا آهيون ته اهو ملڪ لاءِ فائدي مند آهي. حيدرآباد کان سکر موٽروي اڃا تائين فنڊ جي کوٽ سبب ناهي ٺهي سگهيو. وفاقي وزير دعوا ڪئي ته وزارت ڇڏڻ تائين اين ايڇ اي جو روينيو 400 کان 500 ارب رپيا تائين پهچايو ويندو. ايندڙ مالي سال ۾ پي ايس ڊي پي کان وڌيڪ آمدني پيدا ڪري ڏيکارينداسين. روينيو ۾ اضافو ايم ٽيگ، ايڪسل لوڊ، ٽول پلازہ سڌارن ذريعي ڪيو ويو. مواصلات واري وزارت 2026 ۾ قومي شاهراهن تي ائير ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير عبدالعيلم خان ڪميٽيءَ کي اِن حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ائير ايمبولينس سروس هيليڪاپٽر ذريعي هلندي، منصوبابندي يا ناڻي وزارت کان فنڊ نه گهرجن. هر 20 کان 25 ڪلوميٽر جي فاصلي تي باقاعده سروس ايريا ٺاهيا ويندا. سکر حيدرآباد موٽروي جي نئين سر تعمير جاري آهي. موٽروي کي ڪراچي بندرگاهه سان ڳنڍڻ جو منصوبو به جوڙيو ويو آهي. سکر حيدرآباد منصوبو وزيراعظم ۽ وزارت جي سڀ کان وڏي ترجيح آهي. وفاقي وزير دعوا ڪندي چيو ته لاهور کان اسلام آباد جو سفر 100 ڪلوميٽر گهٽجي ويندو. سيالڪوٽ کان خاريان ۽ خاريان کان راولپنڊي جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون. 4 لين کان وڌائي هن منصوبي کي 6 لين موٽروي ۾ ٺاهيو پيو وڃي. لاهور کان اسلام آباد جو فاصلو 100 ڪلوميٽر گهٽ ٿي ويندو.