وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

ڊسمبر 30, 2023

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٿري ايم پي او کي غير آئيني قرار ڏيڻ وارو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار کي رڳو اسلام آباد جي حد تائين وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار آهن، وفاقي حڪومت اسلام آباد جي حد تائين پاڻ صوبائي حڪومت به آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت وارن اختيارن جي استعمال لاءِ ٽن مهينن اندر رولز ٺاهي

89 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم جو نفاذ انتظاميا جي ماضي جي ۽ هاڻوڪن فيصلن تي به ٿيندو، فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار خلاف جاري ايم پي او آرڊرز کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو

عدالت چيو ته ڪنهن به شخص کي رڳو ان بنياد تي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي ته هو فلاڻو ڪم ڪري سگهي ٿو، اسلام آباد ۾ صوبائي اختيارن جو استعمال رڳو وفاقي ڪابينا ڪري سگهندي

عدالت جو چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن ٿري ايم پي او تحت ڊي سي جي گرفتارين واري اختيار کي غير آئيني قرار ڏنو هو

Leave A Comment