| وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جو به پيپر ليڪ ؟ سپريم ڪورٽ پاران حيرت ظاهر : رپورٽ طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي 2019 واري امتحانن ۾ پيپر ليڪ ڪرڻ جي ڪوشش تي حيرت جو اظهار ڪندي ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته تفصيل سامهون اچڻ بعد ئي فيصلو ڪيو ويندو، عدالت ڪيس کي سپريم ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ ۾ مقرر ڪرڻ ۽ درخواستگذار خلاف جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته پيپر ليڪ وارو معاملو انتهائي سنگين آهي، انهي کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو، درخواستگذار خالد حسين جي وڪيل چيو ته خالد حسين ايف پي ايس سي ۾ 17هين گريڊ ۾ ڪوئيٽا ۾ ملازمت ڪندو هو, سندس خلاف پيپر ليڪ ڪرڻ جو ڪيس لاهور ۾ داخل ڪرايو ويو هو، ياد رهي ته پيپر ليڪ واري الزام بعد درخواستگذار کي 2020 ۾ گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو