اسلام آباد(بيورورپورٽ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ وفاقي بجيٽ جي دستاويزن جي منظوري ڏني وئي آهي.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بجيٽ لاءِ پهرين گريڊ کان 16 گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس اضافي جي منظوري ڏني.
17هين گريڊ کان وڌيڪ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافو منظور ڪيو ويو.