وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب، گيس قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جي منظوري ورتي ويندي

آڪٽوبر 30, 2023

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينه جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي توثيق ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سڀاڻي وفاقي ڪابينه جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جي سفارشن جي به منظوري ڏني ويندي

ڪابينه جي اجلاس ۾ گيس جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ بابت به اي سي سي جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي. غير قانوني پرڏيهين جي ملڪ واپسي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو

غيرقانوني معاشي سرگرمين خلاف جاري آپريشن جي نتيجن بابت به وفاقي ڪابينه کي آگاهه ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف اختيارين سان نومبر ۾ ڳالهين جي ايجنڊا  بابت به بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو.

Leave A Comment