وفاقي ڪابينا جو اڄ اجلاس: 27هين ترميم جي منظوري جو امڪان: وزيراعظم اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو

وفاقي ڪابينا جو اڄ اجلاس: 27هين ترميم جي منظوري جو امڪان: وزيراعظم اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو + م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جون 27 هين آئيني ترميم تي اتحادي جماعتن سان مشاورتي ملاقاتون، متحده پاران بلدياتي مسودي کي 27هين ترميم ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اڄ وفاقي ڪابينا ۾ 27هين ترميم جو مسودو منظور ڪرڻ جو امڪان آهي. سينيٽ جو به اڄ اجلاس ٿيندو، ضمني ايجنڊا ذريعي 27هين ترميم جو بل پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف 27هين ترميم جي مسودي جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ گهرايو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي 27هين ترميم تي بريفنگ ڏني ويندي، 27هين ترميم اڄ ئي سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، سينيٽ اجلاس جي جاري ڪيل ايجنڊا ۾ 27هين ترميم پيش ڪرڻ جو معاملو شامل ناهي، ذريعن موجب پ پ جي سي اي سي اجلاس بعد ترميم ضمني ايجنڊا ذريعي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پ پ جون تجويزون مسودي ۾ شامل ڪيون وينديون، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف 27هين آئيني ترميم تي اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ متحده جي بلدياتي مسودي کي 27هين ترميم ۾ شامل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، متحده پاڪستان 27هين ترميم جي حمايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم سان ٻين پارٽين کان حمايت وٺرائڻ ۾ مدد جو به واعدو ڪيو، ذريعن موجب متحده وفد وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته چونڊن کانپوءَ ٺهندڙ مڪاني حڪومت کي مالي، انتظامي ۽ سياسي اختيار ڏنا وڃن، مڪاني حڪومت جو  مُدو چار سال هجي ۽ نيون چونڊون نگران سيٽ اپ هيٺ ڪرايون وڃن، ايم ڪيو ايم طرفان پيش ڪيل سفارشن ۾ هڪ اهم نقطو وفاق کان صوبن کي ملندڙ اين ايف سي جي رقم مڪاني حڪومتن کي منتقل ڪرڻ جو به آهي، وزيراعظم سان استحڪام پاڪستان پارٽي، بي اي پي ۽ ق ليگ جي وفدن جون به ڌار ڌار ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم 27هين ترميم بابت اعتماد ۾ ورتو. ميڊيا رپورٽس موجب 27 هين آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ پ پ  وفد جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي، تجويز ڪيل ترميم جي شقن ۽ موقف تي تفصيلي مشاورت ٿي، ملاقات بعد پ پ وفد نور خان ايئر بيس کان خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي روانو ٿي ويو، پ پ پاران وزيراعظم سان ٿيل ڳالهيون پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پر اهڙي ملاقات جي تصديق نه ٿي سگهي، وزيراعظم هائوس پاران به ٻين اتحادين پارٽين سان ملاقاتون جون تصويرون جاري ڪيون ويون پر پ پ وفد سان ملاقات بابت ڪا به تصوير يا پڌرائي جاري نه ڪئي وئي. هوڏانهن  وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته ارڙهين ترميم کي رول بيڪ نه پيا ڪيون، اها ڳالهه سرِ عام چئون پيا ته ارڙهين ترميم کي نه پيا ڇيڙيون. هن چيو ته لڳ ڀڳ 9 پارٽين سان وزيراعظم  مشاورت ڪئي آهي. مون کي لڳي ٿو ته ستاويهين ترميم جي منظوري ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، اسان کي پ پ جي سي اي اي اجلاس مان سٺين تجويزن جي اميد آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ميجسٽريسي نظام هڪ پراڻو نظام آهي، جنهن کي بحال ڪريون پيا. آئيني عدالتن تي بحث ميثاق جمهوريت ۽ ارڙهين ترميم کان شروع ٿيو. آئيني عدالتن جي بحالي تي بحث 2005ع کان هلي رهيو آهي. اڃا گھڻو وقت گھرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ معاملي کي هروڀرو خراب ڪري رهي آهي. ڪي پي جو وزيراعليٰ نان سيريس ماڻهو آهي. ملڪ ۾ سنجيده بحث پيو ٿئي، سهيل آفريدي روز ڪو نه ڪو بيان ڏئي ڇڏي هو، ڪڏهن فوج خلاف ڳالهائي ٿو، ڪڏهن دهشتگردن جي حمايت ۾ بيان ڏئي ٿو. ان ۾ ڪا حب الوطني نه آهي. عطا تارڙ چيو ته تعليم ۽ آبادي تي سڄي ملڪ ۾ قانونسازي گھربل آهي.  انهن بابت مختلف تجويزون آهن انهن تي غور ٿي رهيو آهي. پارليامينٽ ۾ هڪ هڪ شئي تي ڳالهه ٿيندي ۽ بحث ڪرائينداسين. چوڌري شجاعت جي پراڻي تجويز آهي ته تعليم وفاق وٽ هجڻ گھرجي. هر پارٽي جا مطالبا آهن، ايم ڪيو ايم جومڪاني نظام بابت مطالبو آهي. آئين ۾ وقت ۽ حالتن مطابق ترميم ٿيندي رهي آهي. ڪابينا جو اجلاس روٽين ۾ هر هفتي ٿيندو آهي.