وفاقي ڪابينا شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

مَي 19, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي وفاقي ڪابينا پاران 9 مئي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي

اجلاس ۾ 9  مئي واقعن جي شرپسندن خلاف ڪارروائي بابت بريفنگ ڏني وئي آهي

وفاقي ڪابينا شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي جي منظوري ڏني آهي

قومي سلامتي جي اجلاس ۾ 9 مئي جي شرپسندن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي جو فيصلو ڪيو ويو هو وفاقي ڪابينا ان فيصلي جي به منظوري ڏني آهي

وفاقي ڪابينا لاڳاپيل قانون تحت ملوث شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي واري فيصلي جي منظوري ڏني آهي

Leave A Comment