وفاقي گهرو وزارت ذوالفي بخاري جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

آڪٽوبر 25, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت پي ٽي آءِ اڳواڻ ذوالفي بخاري جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

وفاقي گهرو وزارت ڊي جي ايف آءِ اي کي ريڊ نوٽيس جاري ڪرڻ کان اڳ دستاويزن جو قانوني جائزو وٺڻ ۽ انٽرپول کي خط لکڻ جي هدايت ڪئي

 وفاقي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ذوالفي بخاري خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت گولڙا ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، هو اسلام آباد پوليس کي به گهربل آهي، ايف آءِ اي ريڊ نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ انٽرپول هيڊڪوارٽر سان رابطو ڪري

Leave A Comment