وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاسڪو جون قرضي: 257 ارب رپين کان وڌيڪ جون رهتون

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاسڪو جون قرضي: 257 ارب رپين کان وڌيڪ جون رهتون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڏانهن پاسڪو جي 257 ارب روپين کان وڌيڪ قرض ٿي ويو. پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس شاهده اختر جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو. اجلاس دوران مختلف سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي، آڊٽ اعتراض ۽ عوامي وسيلن جي استعمال تي تفصيلي بحث ٿيو. آڊٽ اختيارن چيو ته پاسڪو پاران سپر باسمتي چانورن جي خريداري دوران 14 ڪروڙ رپيا جو نقصان ٿيو. خوراڪ واري وزارت 19 فيبروري 2009 تي سپر باسمتي جي خريداري روڪڻ جي هدايت ڏني هئي، پر پاسڪو جي آفيسر 58,600 بيگ بجاءِ 72,600 بيگ خريد ڪيا. اضافي 14,000 بيگ خريد ڪرڻ سبب 14 ڪروڙ رپيا وڌيڪ ادائيگي  ڪئي وئي. ذميوار آفيسر کي نه برطرف ڪيو ويو ۽ نه ايف آءِ آر داخل ٿي ۽ نه ئي فوجداري ڪاروائي ٿي سگهي. لاڳاپيل آفيسر کي صرف برطرف ڪيو ويو عدالت ۾ ڪيس هن وقت تائين ٻڌڻي هيٺ آهي. پنج آفيسرن تي 9.8 ملين رپيا رڪوري عائد ڪئي وئي، جڏهن ته 4.2 ملين رپيا جو معاملو عدالت ۾ آهي. ڊي اي سي ڪيسن کي جلد اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي. بلال خان چيو ته 2017 ۾ پي اي سي انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي اِن تي ڪم ڇو ناهي ٿيو. ڇا اِن تي پي اي او خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ گهرجي. 2017 ۾ پي اي او ڪير هيو. ان ڪوتاهي ڇو ڪئي. ذيلي ڪميٽي 15 ڏينهن اندر انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪميٽي چيوته جن ماڻهن پي اي سي جي هدايتن تي عمل ناهي ڪيو انهن جا نالا به شامل ڪيا وڃن.  اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته وفاقي ۽ صوبائي جي حڪومتون پاسڪو جي 257 ارب رپيا کان وڌيڪ جون قرضي آهن. آڊٽ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 2012-14 دوران پاسڪو جي بقاياجات 18 ارب کان مٿي هئي، ۽ 15 ڊسمبر 2025 تائين 257 ارب روپين تائين پهچي وئي. ڪميٽي ڪنوينر شاهده اختر چيو ته رڪوري ڇو نه پئي ٿئي، پاسڪو هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي. ايم ڊي پاسڪو چيو ته پاسڪو جو ادارو ختم ڪيو پيو وڃي، بقاياجات جو معاملو حل ڪيو ويندو. وفاق ۽ صوبن مان بقاياجات جلد ملي وينديون. 256 ارب مان 137 ارب صوبائي حڪومتن جا آهن. هي بقاياجات گذريل ٻن سالن جون آهن ان کان اڳ ڪليئر هيون. جيڪڏهن صوبائي حڪومتون پئسا نه ڏينديون ته پوءِ وفاق پئسا وٺي ڏيندو. صوبائي حڪومتن جي چيف سيڪريٽريز سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. ذيلي ڪميٽي ٻن هفتن ۾ رڪوريز تي اپڊيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.