وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا ۾ واڌ جي ترميم: وزيراعظم کي 5 بدران 7 صلاحڪار رکڻ جو اختيار

وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا ۾ واڌ جي ترميم: وزيراعظم کي 5 بدران 7 صلاحڪار رکڻ جو اختيار

اسلام آباد: 27 هين آئيني ترميم ۾ وفاقي ڪابينا ۽ چئني صوبن جي صوبائي ڪابينا ۾ واڌ جي ترميم به شامل ڪئي وئي آھي، آئين جي آرٽيڪل 93 ۾ ترميم تجويز ڪري وزير اعظم کي پنج صلاحڪارن بجاءِ ست صلاحڪار رکڻ جا اختيار ڏيڻ جي تجويز شامل آھي، ائين آئين جي آرٽيڪل 130 ۾ تجويز ڪيل ترميم ۾ چئني صوبن جي اسيمبلين جي مجموعي ميمبرن جي تعداد جي يارنهن سيڪڙو ڪابينا قائم ڪرڻ جي پابندي تبديل ڪري ڪابينا جي سائيز مجموعي ميمبرن جي تيرنهن سيڪڙو تائين رکڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آھي.